ڀـرت نـاٽـيـه شـاسـتـر

ڀـرت نـاٽـيـه شـاسـتـر

ڀرت ناٽيه شاستر

ڀـرت نـاٽـيـه شـاسـتـر (ڪتاب): هي ڪتاب نامـور ليکڪا ڪپلا واتساين جي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ’ڀرت جي ناٽيه شاستر‘ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو موهن گيهاڻيءَ جو ڪيل آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ مترجم ’سنڌيڪار طرفان‘ جي سري هيٺ ڪتاب بابت وضاحت، مددگار ساٿين ۽ ساهتيه اڪيڊمي جو شڪريو ادا ڪيو آهي، جنهن کيس هن ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ لاءِ لائق سمجهي ذميواري سونپي. ڪتاب ڪُل ستن بابن تي مشتمل آهي:
باب پهريون: ڪنهن جي رچنا-هڪ سوال، باب ٻيو: رچنا کان اڳ جا حوالا،
باب ٽيون: شروعاتي پڙهڻي-گرنٿ، باب چوٿون: ناٽيه شاستر- ظاهر ۽ لڪل معنائون، باب پنجون: لکڻي ۽ تخليقي عمل، باب ڇهون: اصلي عبادت (وهڪرا- اندر ايندڙ ۽ ٻاهر ڦٽندڙ) ۽ باب ستون: تحرير- سمجهاڻي ۽ تنقيد.
ڪتاب جي آخر ۾ ليکڪا جو ناٽيه شاستر تي مضمون شامل آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ڪتاب جي ليکڪا ڪپلا واتساين ۽ مترجم موهن گيهاڻيءَ جو تعارف ڏنو ويو آهي. هي ڊيمي سائيز جي 172 صفحن تي مشتمل ڪتاب، ساهتيه اڪاڊمي، نيو دهلي 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 110 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو